اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي شرپسند ٽولي کي پاڪستان جي ترقي، عزت ۽ وقار ۾ اضافو ۽ برطانيا ۾ آرمي چيف جو شاندار استقبال هضم نه ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ سدائين ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪاربند رهي آهي، انهن جي لاءِ پاڪستان ڪا معنيٰ نه ٿو رکي، انتشار ٽولو جيڪا مرضي ڪوشش ڪري، پاڪستان ترقي ڪندو رهندو، پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ترقي جون نيون منزلون طئي ڪري رهيو آهي، معيشت ۾ واضح بهتري اچي رهي آهي، معاشي انگ اکر ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهيا آهن، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مٽاسٽا جو ناڻو موڪلي پنهنجي پنهنجي محنت جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ ٻئي طرف پي ٽي آءِ جو هڪ ننڍو شرپسند ٽولو پاڪستان سان دشمني جو ڪو موقعو هٿ مان وڃائڻ نه ٿو ڏي. هي اهو ٽولو آهي جنهن پاڪستان ۾ انتشار پکيڙيو، نفرتون وڌايُون ۽ ورهائي ڇڏيو، ان ٽولي اڳ ۾ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ۽ جناح هائوس کي باهه لڳائي، اهو به نه ڏٺو ته اهو قائداعظم محمد علي جناح جو گهر رهيو آهي، انهن شهيدن جي يادگارن کي مسمار ڪيو. اطلاعات واري وزير چيو ته اهڙا ماڻهو جيڪي پاڪستان جي خاطر پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪن، پاڪستان جي مفاد ۽ سالميت جي خاطر شهيد ٿي وڃن، هن ملڪ جي سلامتي جي لاءِ پنهنجو رت وهائي ڇڏين انهن سان ڪنهن جي ڪهڙي دشمني هوندي؟ تحريڪ انصاف ملڪ دشمن ايجنڊا تي ڪاربند آهي، انهن 9 مئي جا حملا ڪيا جنهن ۾ انهن جا اهم اڳواڻ اڳيان اڳيان هئا جن جا وڊيو ثبوت به موجود آهن. پي ٽي آءِ جي شرپسندن پاڪستان جي دفاع کي نقصان پهچائي دشمن جو خواب پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هي اهي ماڻهو آهن جيڪي دهشتگردن کي پاڪستان وٺي آيا، انهن دهشتگردن کي دوست بڻايو ۽ انهن کي هتي رهايو. باني چيئرمين پي ٽي آءِ دهشتگردن جي مڪمل حمايت ڪندو رهيو آهي، انٽرنيشنل ميڊيا ۾ سندس تقريرون موجود آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جو ذميوار باني چيئرمين پي ٽي آءِ آهي جنهن دهشتگردن کي واپس آندو، 9 مئي جا حملا ڪرايا، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪئي، دفاعي ٺڪاڻن ۽ قومي سلامتي کي نقصان پهچايو، آءِ ايم ايف کي خط لکيا جيڪو ملڪ دشمني جي برابر آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته آرمي چيف برطانيا جي دوري تي آهي، برطانيا ۾ رائل ملٽري اڪيڊمي ۾ آرمي چيف کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو ۽ رائل ملٽري بينڊ پاڪستان جو قومي ترانو وڄايو ۽ کيس سلامي پيش ڪئي. اتي سندس شاندار ۽ والهاڻو استقبال ڪيو ويو، اها ڳالهه تحريڪ انتشار کي هضم نه ٿي رهي آهي ڇو ته اهو پاڪستان جي عزت ۽ وقار جو معاملو هو. هن چيو ته اسان جي ڪيڊٽ ۽ آفيسرن کي رائل ملٽري اڪيڊمي ۾ وڏن اعزازن سان نوايو وڃي ٿو، اسان جي جوانن ۽ آفيسرن جو ٽريننگ ۽ پروفيشنلزم ۾ تمام اعليٰ معيار آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اوورسيز پاڪستاني پاڪ فوج، رياست ۽ پاڪستان جي معيشت سان گڏ بيٺل آهن، ان جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ نمايان اضافو ٿي رهيو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جو انتشاري ٽولو چاهيندو هو ته پاڪستان کي نقصان پهچي، ان جي لاءِ تحريڪ انصاف آءِ ايم ايف کي خط لکيا، هي جن ماڻهن جي ايجنڊا کڻي هلي رهيا آهن انهن جي آئيڊيالوجي پاڪستان جي خلاف آهي، اهي سدائين پاڪستان جي خلاف رهيا آهن، اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا شرپسند سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون مهمون هلائي رهيا آهن. محب وطن پاڪستانين انهن جي مهم کي رد ڪيو آهي، اهي ان حق ۾ نه آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيڪو به پاڪستان جي سالميت، بقاءَ ۽ مفاد کي نقصان پهچائيندو ان جي لاءِ قانون موجود آهن، قانون حرڪت ۾ ايندو، ڪنهن جي خلاف قانون کان هٽي ڪري ڪارروائي نه ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي ترقي، عزت ۽ وقار ۾ اضافو تحريڪ انصاف کي هضم نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، تحريڪ انصاف جو انتشاري ٽولو جيڪا مرضي ڪوشش ڪري، پاڪستان ترقي ڪندو رهندو، انتشاري ٽولي جون پاڪستان جي ساک کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون ناڪام ٿينديون، انهن جي لاءِ پاڪستان ڪا معنيٰ نه ٿو رکي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ سال ۾ معيشت جي لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، اها ڳالهه به انهن کي هضم نه ٿي رهي آهي، خيبرپختونخواهه ۾ تعليم ۽ صحت جا شعبا مشڪلاتن جو شڪار آهن، هي اتي ڳالهه نه ٿا ڪن، هي رڳو پاڪستان جي معيشت جي خلاف احتجاج ڪندا، انهن کي نظر اچي رهيو آهي ته پاڪ فوج جي عزت ۽ وقار ۾ اضافو ٿيو آهي هاڻي هي چاهين ٿا ته ڪنهن به طريقي ان کي تڪراري بڻايو وڃي. هن چيو ته محب وطن اوورسيز پاڪستانين توهان جي ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، توهان بائيڪاٽ ڪرڻ جو چيو جڏهن ته مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ملڪ جي معيشت بهتري طرف وڃي رهي آهي، پاڪستان ترقي ڪندو، اڳتي وڌندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي انتشاري ٽولي جي چوڻ سان ماڻهو نه نڪري رهيا آهن، ٻاهرئين ملڪ به ماڻهن انهن جي هر ڪال رد ڪري ڇڏي آهي، تحريڪ انصاف جي سياست زوال جو شڪار آهي، انهن وٽ هاڻي ڪا ايجنڊا نه آهي، هي ڪڏهن آءِ ايم ايف کي خط لکن ٿا، ڪڏهن فوج کي سياست ۾ ملوث ڪن ٿا ۽ ڪڏهن آرمي چيف جي دوري تي احتجاج ڪن ٿا. هن چيو ته ملڪ جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، اسان جي فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن جي پوري دنيا معترف آهي. الله کي جيڪا عزت ڏڻي هوندي آهي اها ملي رهندي آهي، پاڪستان ترقي ڪندو رهندو.