رياض _ 20 فيبروري (اي پي پي ) سعودي عرب جي سڌ سماءَ واري وزير سلمان الدوسري سعودي ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ فيوچر آف ميڊيا ايگزيبيشن (فومڪس ) جو افتتاح ڪيو جيڪا وچ اوڀر جي سطح کان وڏي نمائش تصور ڪئي ويندي آهي. ميڊيا رپورٽن مطابق نمائش ۾ ميڊيا انڊيسٽري جي حوالي سان جديد ترين ٽيڪنالوجي کي متعارف ڪرايو ويندو. ميڊيا فورم ٽي ڏينهن جاري رهندو جنهن ۾ 250 کان وڌيڪ مقامي ۽ عالمي ڪمپنيون شرڪت ڪري رهيون آهن. نمائش ۾ پيش ڪيل جديد ٽيڪنالوجي ڪنٽينٽ ٺاهڻ ۽ پروڊيڪشن لائن جي حوالي سان انتهائي اهم ثابت ٿيندي. فورم ۾ ڊيجيٽل گيمز سميت مختلف سافٽ ويئر تيار ڪندڙ ادارا به شرڪت ڪري رهيا آهن . فورم ۾ مختلف موضوعن تي 40 کان وڌيڪ ڪانفرنسون ۽ ورڪشاپس به ٿيندا جڏهن ته ميڊيا جي مستقبل جي موضوع سميت ٻين مختلف موضوعن جن ۾ صحافت ۽ ڊيٽا ، مصنوعي ذهانت ۽ پروڊيڪشن وغير بابت ڳالهين جا اجلاس به منعقد ڪيا ويندا . سعودي ميڊيا فورم جو چوٿون ايڊيشن گذريل ٽن ايڊيشنز ۾ ملندڙ ڪاميابين جي تسلسل ۽ فورم جي ميڊيا انڊيسٽري تي هاڪاري اثرن ۾ فعال ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو.