اسلام آباد- 20 فيبروري (اي پي پي) گھرو ۽ منشيات جي روڪٿام واري وفاقي وزير محسن نقوي سان پاڪستان ۾ قطر جي سفير علي مبارڪ علي عيسي الخطير ملاقات ڪئي جنھن ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن، ٻه طرفا لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سھڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ قطر ۾ قيد پاڪستاني شھرين جي آزادي ۽ منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ گڏيل سھڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قطر جي سفير گھرو وزير محسن نقوي کي قطر جي دوري جي دعوت ڏني. گھرو وزير محسن نقوي چيو ته قطر سان انتھائي ويجھا لاڳاپا آھن، جلدي قطر جو دورو ڪري قطري ھم منصب سان ملاقات ڪندس. ھن چيو ته منشيات جي روڪٿام جي حوالي سان نار ملڪن جي ڪانفرنس اپريل ۾ اسلام آباد ۾ ٿي رھي آھي. ان ڪانفرنس ۾ قطر جي منشيات جي روڪٿام واري ڊپارٽمينٽ جي سربراه کي شرڪت جي دعوت ڏني آھي. گھرو وزير محسن نقوي ان ڳالھه تي زور ڏنو ته منشيات جي روڪٿام جي سلسلي ۾ دوست ملڪن سان گڏ ويجھو سھڪار چاھيون ٿا. قطر جي سفير چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ آھي، لاڳاپن کي انتھائي اھميت ڏيون ٿا.