فيصل آباد – 20 فيبروري (اي پي پي) مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن (انٽرنيشنل مدرز لينگويج ڊي) جمعي ڏينهن 21 فيبروري تي ملهايو ويندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي ماتحت اداري يونيسڪو، پاڪستان جي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ ٻين غير سرڪاري تنظيمن جي شراڪت سان خاص واڪس، سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ ٻين تقريبن جو اهتمام ڪيو ويندو. ان موقعي تي اڪادمي ادبيات جي انتظام هيٺ تقريبون منعقد ڪيون وينديون جڏهن ته ورلڊ پنجابي ڪانگريس به هڪ تقريب منعقد ڪندي. ياد رهي ته 21 فيبروري 1952ع ۾ ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ٻولين جي تڪرار تي شاگردن جي جهيڙي کانپوءِ پوليس جي فائرنگ سبب 4 شاگرد مارجي ويا هئا جنهن کانپوءِ 17 نومبر 1999ع تي يونيسڪو انٽرنيشنل مدرز لينگويج ڊي ملهائڻ لاءِ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪرائي هئي جنهن جي روشني ۾ 21 فيبروري 2000ع ۾ پهريون ڀيرو مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو هو. ان موقعي تي منعقد تقريبن ۾ مادري ٻولين کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارشون به پيش ڪيون وينديون.