جڪارته-19 فيبروري (اي پي پي)انڊونيشيا جي سامونڊي علائقي ۾ گذريل ڏينهن 5.7 شدت جي زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. انڊونيشيا جي موسميات کاتي ۽ آمريڪي جيولوجيڪل سروي مطابق زلزلو اولهندي پاپوا ريجن جي فاڪ فاڪ شهر کان 148 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولهه ۾ آيو ۽ ان جي گهرائي 10 ڪلو ميٽر هئي. اڃا تائين ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع نه مليا آهن ۽ نه ئي سونامي وارننگ جاري ڪئي وئي.