اسلام آباد-19 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نواب يوسف ٽالپور جي لاڏاڻي تي گھري افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي تعزيتي پيغام ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو آھي، ته نواب يوسف ٽالپور ھڪ باوقار سياستدان ۽ عوامي خدمت ڪندڙ شخصيت ھو. سندس سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو، سندس لاڏاڻو نه رڳو پاڪستان پيپلزپارٽي پر ملڪي سياست ۾ پڻ وڏو خال آهي. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي گھرڀاتين سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪندي ڌڻي در مرحوم جي مغفرت ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لا ءِ دعا ڪئي.