اسلام آباد – 18 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سعودي ميڊيا فورم جي چوٿين ايڊيشن ۾ شرڪت جي لاءِ رياض پهچي ويو. ڪنگ عبدالله ايئرپورٽ تي سعودي عرب جي ميڊيا بابت نائب وزير ڊاڪٽر عبدالرحمان اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته سعودي عرب پاڪستان جو ويجهو دوست ملڪ آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ثقافتي لاڳاپا آهن. هن چيو ته سعودي عرب جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جو ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ويزن مثالي آهي. هن چيو ته معاشي ترقي ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ اضافي جي لاءِ سعودي عرب جا قدم ساراهه جوڳا آهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سعودي عرب امن، خوشحالي، استحڪام ۽ بين المذاهب هم آهنگي جو اهم وڪيل آهي. هن چيو ته سعودي ميڊيا فورم سعودي عرب جي ميڊيا بابت تجربن مان فائدو کڻڻ جو اهم پليٽ فارم آهي. واضح رهي ته سعودي ميڊيا فورم تحت ٽن ڏينهن واري ڪانفرنس 19 کان 21 فيبروري تائين رياض ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي ميڊيا فورم ۾ سڄي دنيا مان عالمي شخصيتن سميت ميڊيا سان تعلق رکندڙ اهم شخصيتون شرڪت ڪري رهيون آهن. فورم جو مقصد ميڊيا جي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ جديد رجحانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ آهي. سعودي ميڊيا فورم ۾ ميڊيا پروڊڪشن، ڊيجيٽل جرنلزم ۽ مواد سازي بابت طريقا ڳوليا ويندا. ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا، ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن ۽ مالياتي استحڪام جي لاءِ نئين بزنس ماڊلز جو جائزو ورتو ويندو. ميڊيا فورم ۾ فيڪ نيوز، عوامي اعتماد جي بحالي ۾ ميڊيا ادارن جي ڪردار بابت حڪمت عملي تي پڻ غور ٿيندو. فورم ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، صحافت جو مستقبل، ميڊيا اڪنامڪس، ڊيجيٽل نظام، مس انفارميشن، انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۽ ڊيجيٽل اسٽريمنگ جهڙن اهم موضوعن تي مباحثا پڻ منعقد ٿيندا. اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ فورم ۾ شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.