اسلام آباد -18 فيبروري (اي پي پي)قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر مخالف ڌر کي ايوان ۾ برابري جا موقعا فراهم ڪيا آهن، انهن جو گوڙ ڪرڻ غيرمناسب رويو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ مخالف ڌر جي گوڙ بابت ڊپٽي چيئرمين جي رولنگ تي هن چيو ته اها وضاحت آئين ۽ قانون مطابق آهي، ايوان جي ڪارروائي احسن انداز ۾ هلائي پئي وڃي. هن چيو ته ڊپٽي چيئرمين ايوان ۾ مخالف ڌر کي ڳالهائڻ جا برابر موقعا فراهم ڪيا، مخالف ڌر جو ايوان ۾ روئيو غير مناسب آهي، کين شائستگي ۽ مهذب پڻي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. اي