اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار جي ٺهراءَ کانسواءِ ڌيان ڇڪايو نوٽيسز اڪلايا ويا، جڏهن ته ڪيترائي بل ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين جون رپورٽون به پيش ڪيون ويون، بعد ۾ ڊپٽي اسپيڪر ايوان جي ڪارروائي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪرڻ جو صدارتي فرمان پڙهي ٻڌايو.