تهران- 17 فيبروري (اي پي پي) ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام جو بچاءُ ڪيو آهي ۽ ان کي جاري رکڻ ۾ ڪا به هَٻڪ محسوس نه ڪندو. اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بغائي اسرائيل ۽ آمريڪا طرفان ايران جي ايٽمي عزم جو مقابلو ڪرڻ جي عزم جي هڪ ڏينهن کانپوءِ سومر ڏينهن بيان ۾ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته ايران جو پر امن ايٽمي پروگرام گذريل 3 ڏهاڪن کان جاري آهي، جيڪو ايٽمي هٿيارن جي عدم ڦهلاءُ جي معاهدي ۾ هڪ ميمبر طور تي ايران جي حقن جي بنياد تي آهي، يقيني طور تي اسان ان سلسلي ۾ ڪا ڪمزوري نه ڏيکارينداسين.