العلا- 17 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ايمرجنگ مارڪيٽس ڪانفرنس 2025ع جي موقعي تي گڏيل عرب امارتن، مصر، اردن، مراڪش ۽ بين نار ملڪن جي ناڻي، معيشت ۽ ترقي بابت وزيرن سان گروپ ڊسڪشن ۾ شرڪت ڪئي ۽ گڏيل اقتصادي هدفن ۽ پائيدار ترقي جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اها ڊسڪشن علائقائي اقتصادي سهڪار، مالياتي پاليسين ۽ ترقياتي حڪمت عملين تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ شريڪ ملڪن گڏيل اقتصادي هدفن ۽ پائيدار ترقي جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.