اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) نيشنل پوليس اڪيڊمي کي اپگريڊ ڪري مليٽري اڪيڊمي ڪاڪول جي ترز تي ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو اڪيڊمي جي تاريخ ۾ جديد رخن تي اپ گريڊ ڪرڻ جو پهريون منصوبو آهي. گهرو وزير محسن نقوي نيشنل پوليس اڪيڊمي جي دوري دوران اڪيڊمي جي نئين سر جوڙجڪ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. اڪيڊمي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي محمد ادريس احمد ماسٽر پلان تي تفصيل سان بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي جي نئين سر تنظيم سازي جي منصوبي تي مرحليوار عملدرآمد ڪيو ويندو. گهرو وزير پريڊ گرائونڊ کي خوبصورت بڻائڻ ۽ انڊر ٽريننگ آفيسرن لاءِ رهائشي بلاڪ کي ترجيحـي بنيادن تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير چيو ته اسان جو مقصد نيشنل پوليس اڪيڊمي کي هڪ عالمي معيار وارو ادارو بڻائڻ آهي، جتي پرڏيهي آفيسر به تربيت لاءِ اچن، نئين منصوبي تحت پوليس اڪيڊمي ۾ ايليٽ فورس ٽريننگ اسڪول، ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر، جديد انڊور ۽ آئوٽ دور فائرنگ رينجز بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. گهرو وزير هدايت ڪئي ته ضروري تبديلين کان پوءِ ماسٽر پلان ٻيهر پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ڪمانڊنٽ نيشنل پوليس اڪيڊمي، چيئرمين سي ڊي اي، آءِ جي اسلام آباد، ڊي سي اسلام آباد سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.