ڪوئيٽا- 17 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن بلوچستان مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي چونڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اها سيٽ سينيٽر محمد قاسم رونجهو طرفان استعفيٰ ڏيڻ سبب خالي ٿي هئي. اليڪشن ڪميشن آئين جي آرٽيڪل 224 جي قلم 5 ۽ اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن 107 ۽ 127 تحت خالي سيٽ تي چونڊ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ نامزدگي ڪاغذ 18 ۽ 19 فيبروري تي جمع، لسٽ 20 فيبروري تي شايع ۽ ڪاغذن جي جانچ پڙتال 22 فيبروري تي ڪ.ي ويندي جڏهن ته ڪاغذن جي منظوري يا رد ٿيڻ لاءِ درخواستون 25 فيبروري تائين ٻڌيون وينديون. ٽريبيونل طرفان اپيلن تي فيصلا 27 فيبروري تائين جڏهن ته نظر ثاني ٿيل لسٽ 28 فيبروري تي شايع ڪئي ويندي ۽ نامزدگي ڪاغذ پهرين مارچ تائين واپس وٺي سگهجن ٿا. 8 مارچ ڇنڇر تي بلوچستان اسيمبلي ۾ چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان صوبائي اليڪشن ڪمشنر محمد فريد آفريدي کي ريٽرننگ آفيسر جڏهن ته سيد وسيم احمد جعفري، عبدالله ۽ نعيم احمد کي پولنگ آفيسر مقرر ڪيو آهي.