نئين دھلي – 17 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا مان ڊي پورٽ ڪيل غيرقانوني پرڏيھين کي کڻي ايندڙ ھڪ ٻيو جھاز ڀارت جي شھر امرتسر پھچي ويو، جنھن ۾ 112 ڀارتي موجود ھئا. پرڏيھي خابرو اداري مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسي تحت غيرقانوني پرڏيھين خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آھي، ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا ماڻھو ڊي پورٽ ڪيا ويا آھن. آمريڪي ايئر فورس جي جھاز سي 17 گلوب ماسٽر آچر ۽ سومر جي وچ واري رات امرتسر جي عالمي ھوائي اڏي تي لينڊنگ ڪئي. جھاز ۾ سوار ماڻھن ۾ 13 جو تعلق پنجاب سان آھي جڏھن ته 44 ھريانه کان تعلق رکن ٿا. اھڙي طرح گجرات جا 33، اتر پرديش جا ٻه ۽ هماچل پرديش ۽ اتراکنڊ جو ھڪ ھڪ ماڻھو سوار ھو. ڀارت ۾ آمريڪا مان ڊي پورٽ ڪيل ماڻھن کي کڻي ايندڙ پھريون جھاز 5 فيبروري تي پھتو ھو، جنھن ۾ 104 ماڻھو سوار ھئا جڏھن ته ٻيون جھاز ڇنڇر ڏينھن 116 مسافرن کي کڻي پھتو ھو. پھرين مرحلي ۾ پھچڻ وارن ماڻھن کي جھاز جي سيٽن سان ٻڌيو ويو ھو ۽ ڀارت پھچڻ کانپوءِ کين کوليو ويو. ان واقعي ڀارت ۾ سياسي تڪرار کي جنم ڏنو ۽ هن وقت ايوان ۾ جاري بجيٽ سيشن دوران سخت ھنگامو ڏٺو ويو. اھڙي طرح ٻئي جھاز ذريعي پھچڻ وارن ماڻھن به سخت سلوڪ جا الزام لڳايا ھئا. حڪومت تي تنقيد بعد پرڏيھي معاملن واري وزارت جي وزير ايس جي شنڪر چيو آھي ته آمريڪا سان ڳالھيون جاري آھن، ته ڊي پورٽ ڪيل ماڻھن سان سخت سلوڪ نه ڪيو وڃي. سندس چوڻ ھو ته آمريڪا مان غيرقانوني پرڏيھين جي واپسي ڪا نئي ڳالھه ناھي ۽ ڪيترن ئي سالن کان اھو سلسلو جاري آھي.