اسلام آباد- 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته دهشتگرد بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي جا دشمن آهن، دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم آفيس پريس ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم قلات ۾ ليويز پوسٽ تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ شهيد اهلڪار علي نواز کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد جي درجن جي بلندي ۽ وارثن جي صبر ۽ حملي ۾ زخمي ٿيل اهلڪارن جي جلدي صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي تعمير ۽ ترقي جا دشمن آهن، دهشتگردن جي ناپاڪ عزمن کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته ليويز اهلڪار وطن جي حفاظت خاطر پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته وطن جي امن لاءِ جان قربان ڪندڙ علي نواز شهيد کي سلام پيش ڪريون ٿا.