اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبر پختونخوا ۾ 2 ڌار آپريشنز ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان 15 خوارجين کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي ڳجهي اطلاع جي بنياد تي ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو آهي، ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڪارروائي دوران شهادت ماڻيندڙ ليفٽيننٽ محمد حسان ارشف سميت 4 جوانن کي خراج عقيدت پڻ پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي بهادر شهيدن جي قربانين کي هميشه ياد رکندي. صدر مملڪت پاڪ فوج جي بهادر شهيدن جي بهادري ۽ حب الوطني واري جذبي کي ساراهيندي شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي. صدر مملڪت چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروائيون جاري رهنديون. دهشتگردن جو خاتمو ملڪ جي دفاع لاءِ اسان جو عزم پختو رهندو. صدر مملڪت فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.