اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز کي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي، نائب وزيراعظم جي آفيس طرفان جاري بيان موجب نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيراعظم طرفان پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز کي مربوط بڻائڻ جي حوالي سان جوڙيل ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز جي ڍانچي، فرضن جي ادائيگي ۽ڪارڪردگي جو جائزو ورتوو يو. اجلاس دوران سينيٽر محمد اسحاق ڊار حڪومت جي وسيع اسٽريٽجڪ مسئلن موجب پرڏيهه ۾ پاڪستاني مشنز جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.