اسلام آباد- 14 فيبروري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم سان پاڪستان ۾ آذربائيجان جي سفير خضر فرھادوف سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ تجديد جوڳي توانائي سميت ماحوليات جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. موسمياتي تبديلي واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان مطابق ملاقات دوران آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ تجديد جوڳي توانائي جي شعبي ۾ شراڪتداري بابت ڳالھيون ٿيون. آذربائيجان جي سفير پاڪستان کي گرين انرجي ڪوريڊور ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي. رومينه خورشيد ٻنهي ملڪن وچ ۾ علائقائي گرين انرجي جي حوالي سان سھڪار تي زور ڀريو.ھن چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ ماحوليات جي حوالي سان گڏيل طور تي قدم کڻڻ جي ضرورت آھي. رومينه خورشيد چيو ته گرين انرجي ڪاربن کي خارج ٿيڻ کي گھٽ ڪرڻ سان علائقي جي پائيدار مستقبل کي ھٿي ملندي.