گڏيل قومون-14 فيبروري(اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته يمن ۾ جاري تڪرار کي اثرائتي سفارتڪاري ۽ اجتماعي رد عمل ذريعي حل ڪيو وڃي، فوجي آپريشن سان اهو تڪرار وڌيڪ وڌي ويندو. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سلامتي ڪونسل کي خطاب دوران چئي. منير اڪرم چيو ته يمن ۾ جاري تڪرار مقامي کان علائقائي ۽ آخر ۾ عالمي بحران جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي ان کي اثرائتي سفارتڪاري ۽ اجتماعي رد عمل ذريعي حل ڪيو وڃي ،فوجي آپريشن ٻيهر شروع ڪرڻ سان اهو تڪرار وڌي ويندو. ان تڪرار سبب ملڪ جي اٽڪل اڌ کان وڌيڪ آبادي جو دارو مدار انساني همدردي جي بنياد تي ڏني ويندڙ امداد ۽ تحفظ تي آهي.پاڪستاني نمائندي چيو ته ڊسمبر 2023 جي ڳالهين ۾ ٿيل اڳڀرائي کي محفوظ ۽ مستحڪم ڪرڻ ۽ پائيدار امن لاءِ واعدن تي مڪمل درآمد کي يقيني بڻائڻ گهرجي.پاڪستاني نمائندي يمن لاءِ گڏيل قومن جي خاص ايلچي هنس گرنڊ برگ جي جاري ٽياڪڙي وارين ڪوششن جي حمايت ڪندي چيو ته روڊ ميپ جنگ بندي، منظم سياسي عمل. تڪرار سبب متاثر ملڪ کي درپيش اهم اقتصادي ۽ انساني چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ عمل جوڳو رستو آهي. يمن پاران پڪڙيل سامونڊي جهاز گيليڪسي ليڊر جي عملي جي آزادي جي آجيان ڪندي پاڪستاني نمائندي انصارالله پاران گڏيل قومن جي اهلڪارن ۽ عالمي ۽ قومي اين جي اوز ۽ سفارتي مشنن جي عملي جي حراست جي مذمت ڪئي،هن صعده ۾ حوثين جي حراست هيٺ ورلڊ فوڊ پروگرام جي عملي جي هڪ ڪارڪن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي متاثر ڪٽنب سان تعزيت ڪئي،هن گڏيل قومن جي حراست هيٺ اهلڪارن جي فوري ۽ غير مشروط آزادي جو پڻ مطالبو ڪيو. پاڪستاني نمائندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته يمن بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مربوط ۽ مضبوط عالمي رد عمل جي ضرورت آهي ۽ ٻيا ملڪ يمن جي 2025 جي انساني امداد جي منصوبي ۾ پنهنجو حصو وجهن. هن چيو ته پاڪستان سامونڊي جهازن تي حوثين جي حملن جي پڻ مذمت ڪئي آهي ،پاڪستاني نمائندي امن استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ يمن جي عوام سان پاڪستان جي يڪجهتي جو اظهار ڪيو.