اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري صلاحڪار بئريسٽر عقيل ملڪ چيو آهي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب ايردوان جو جو ڪامياب دؤري سان پاڪستان ۾ ٻه طرفن لاڳاپن ۾ تاريخي اڳڀرائي ٿي آهي، 5 ارب ڊالرن تائين واپاري ڳاڻيٽو وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ حصيداريءَ جي عزم سان پاڪستان ۽ ترڪيه وڌيڪ ويجها ٿيا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 24 معاهدا ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ واڌ اعليٰ سطحي سفارتي ڪاميابيون آهن. اهي سڀ وزيراعظم شهباز شريف جي مؤثر قيادت ۽ حڪومت جي ڪامياب سفارتڪاريءَ جو اهڃاڻ آهي.