اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس، جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ايوان صدر ۾ منعقد تقريب ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو. صدر آصف علي زرداري کانئس حلف ورتو. حلف برداري جي سادي ۽ پروقار تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. صدر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس سردار سرفراز ڊوگر کان وقتي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي عهدي جو حلف ورتو.