اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته شبِ برات الله تعاليٰ جي رحمت، مغفرت ۽ برڪتن سان ڀرپور آهي، شب برات اسان کي توبه، عبادت ۽ صله رحمي جو درس ڏئي ٿي ۽ ان موقعي تي اسان کي پنهنجن گناهن جي معافي گُهرندي نيڪي ۽ ڀلائيءَ جي رستي تي گامزن ڪرڻ جو عهد ڪرڻ گهرجي. شبِ برات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اسپيڪر چيو ته شبِ برات رحمت ۽ مغفرت جي رات آهي جنهن ۾ الله تعاليٰ پنهنجن ٻانهن تي خاص ڪرم فرماءِ ٿو ۽ سندن دُعائن کي قبول ڪري ٿو. اها رات اسان کي الله آڏو عاجزي ۽ انڪساري سان رجوع ڪرڻ، پنهنجي اعمال جو احتساب ڪرڻ ۽ معاشرتي هم آهنگي، رواداري ۽ اخوت کي هٿي ڏيڻ جي تلقين ڪري ٿي. هن چيو ته اسان کي ان رات پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي ڪوتاهين تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ خاص دُعائون ڪرڻ گهرجن. هن شبِ برات جي برڪتن سان حقيقي طور تي فائدو کڻڻ لاءِ عبادتن جو اهتمام ڪرڻ سان گڏوگڏ معاشرتي بُراين جي خاتمي ۽ ضرورتمندن جي مدد لاءِ به عملي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان موقعي تي قومي اسيمبليءَ جي ڊپٽي اسپيڪر سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه به ان موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شبِ برات اسان کي حقوق العباد جي اهميت کي سمجهڻ ۽ پنهنجي زندگي ۾ اصلاح جي راهه اختيار جي ترغيب ڏئي ٿي. هن چيو ته اسان کي ان رات پنهنجي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن ۽ـ معاشري جي مسڪين طبقن جي فلاح ۽ ڀلائيءَ لاءِ عملي قدمن کڻڻ جو عزم ڪرڻ گهرجي. ڊپٽي اسپيڪر عوام کي اپيل ڪئي ته هو ان بابرڪت واري رات ۾ وطنِ عزيز جي سلامتي، ترقي ۽ استحڪام لاءِ خاص دُعائن جو بندوبست ڪن.