اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وزارت جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر کي باقائده چيف جسٽس جي نامزدگيءَ تائين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جي عهدي تي مقرريءَ ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. ان کان علاوه وزارت ملڪ جي ٻين ٽن هاءِ ڪورٽس جي وقتي چيف جسٽسز جي مقرريءَ جي حوالي سان ڌار ڌار نوٽيفڪيشنز پڻ جاري ڪيون آهن. جاري نوٽيفڪيشنز موجب جسٽس ايس ايم عتيق شاهه کي پشاور هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس، جسٽس جنيد غفار کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس ۽ جسٽس محمد اعجاز سواتي کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو آهي. وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 196 تحت حاصل اختيارن کي ڪتب آڻيندي پاڪستان جي صدر ڄاڻايل هاءِ ڪورٽس جي وقتي چيف جسٽسز جون مقرريون ڪيون آهن.