اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جو شرط هو ته نجي شعبي جي ڪيپٽو پاور پلانٽس کي گيس جي فراهمي بند ڪئي وڃي، وزيراعظم وقت سر مداخلت ڪري ٻيهر ڳالهيون جنهن جي نتيجي ۾ اهي پلانٽس بند نه ٿيندا. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ان پلانٽس تي 18 مهينن لاءِ خاص ليوي لاڳو ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومت چاهي ٿي ته صنعتون نيشنل گرڊ مان بجلي حاصل ڪن، ته جيئن بجلي جي شعبن ۾ استحڪام اچي. هن چيو ته پاڪستان چئن وحدتن جو ملڪ آهي، جتي قرض وفاق جي ذمي هوندا آهن ۽ اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبن کي وسيلا ڏنا ويندا آهن. هن چيو ته بجلي جي شعبي ۾ خساري کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. حڪومت ڪيپسٽي پيمينٽ جي مسئلي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترين ئي ڪمپنين سان نوان معاهدا ڪيا آهن. هن چيو ته جڏهن آءِ ايم ايف قرض ڏيندو آهي ته هو پنهنجا شرط به رکي ٿو جن تي حڪومت کي ڳالهين ذريعي رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوي ٿي. وفاقي وزير سينيٽ جي اجلاس ۾ آءِ ايم ايف جي وفد ۽ چيف جسٽس وچ ۾ ملاقات تي وضاحت ڪندي چيو ته آءِ ايم ايف جو وفد ججن سان نه پر صرف چيف جسٽس سان مليو، وفد ڪنهن ڪيس تي ڳالهه ڪرڻ يا ڪو ڪيس داخل ڪرائڻ نه آيو هو، آءِ ايم ايف هڪ گورننس ۽ـ عدالتي سڌارن بابت پروگرام آهي، ان جي روشنيءَ ۾ چيف جسٽس سان ملاقات ٿي. چيف جسٽس آءِ ايم ايف جي وفد کي جوڊيشل سڌارن کان آگاهه ڪيو. آءِ ايم ايف چيف جسٽس کي چيو ته عدالتي نظام جي بهتريءَ لاءِ لاڳاپيل ماڻهو مقرر ڪيا وڃن ته جيئن انصاف جي عمل کي مؤثر بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه حلقا آءِ ايم ايف کي خط لکن ٿا جيڪو ملڪي معاملن ۾ پرڏيهي مداخلت جي تاثر کي جنم ڏئي ٿو. هن چيو ته آءِ ايم ايف ۽ عدليه وچ ۾ ملاقات بابت مختلف خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن. وفاقي وزير انهن سمورن خدشن کي رد ڪندي چيو ته اها ملاقات ڪنهن ڪيس يا عدالتي فيصلن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ ناهي پر عدالتي نظام ۾ بهتريءَ لاءِ هو.