بيجنگ-13 فيبروري (اي پي پي) چين آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته هو ٻين کي نقصان پهچائي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ واري سوچ ختم ڪري. اها ڳالهه چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هي يونگ چيان معمول جي پريس ڪانفرنس دوران اسٽيل ۽ ايلومينيم جي روانگي واپار تي آمريڪي ٽيرف ۾ واڌ بابت هڪ سوال جي جواب ۾ چئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب هن آمريڪا تي زور ڀريو ته هو ٻين کي نقصان پهچائي پنهنجو فائدو حاصل ڪرڻ واري سوچ ختم ڪري. پنهنجي غلطين کي درست ڪري. گهڻ رُخي واپاري نظام جي صحيح رستي تي اچي ۽ ٻين ملڪن سان برابريءَ جي بنياد تي مشاورت ذريعي لاڳاپيل خدشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري.