اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار جي لاءِ هر قسم جي مدد ۽ سهولت فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته اسان پاڪستان ۽ ترڪيه جي گهري دوستي ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون جڏهن ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، طئي ٿيندڙ معاهدن ۽ ايم او يوز سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ملندو، اقتصادي لنگهه منصوبو واپار جي لاءِ اهم آهي، پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي خطي ۾ امن ۽ ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پاڪستان ترڪيه بزنس فورم کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان ٻطرفي دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي جيڪي ڪيترن ئي سببن جي بنياد تي منفرد حيثيت رکن ٿا، پاڪستان ۽ ترڪيه ڀائر دوست ملڪ آهن ۽ هندستان جي ورڇ کان به اڳ ڀائيچاري جي تاريخ رکن ٿا جڏهن هندستان جي مسلمانن ترڪيه جي آزادي جي جنگ جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته صدر رجب طيب اردوان جي دانشمنداڻي قيادت ۾ ترڪيه جي فعال معيشت جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهي ۽ يورپي معيارن تي پوري لٿي آهي، صدر رجب طيب اردوان مسلمان امت جو آواز آهي، هن سدائين غزه، فلسطين ۽ ڪشمير جي معصوم ۽ مظلوم مسلمانن جي لاءِ آواز اٿاريو آهي، پاڪستان به سدائين فلسطين ۽ ڪشمير جي عوام جي آزادي جي لاءِ انهن جي آواز سان گڏ آواز ملائي بيٺل رهيو آهي. هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري بلند ترين سطح تي هئي، اسان ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اڄ اسان مختلف مفاهمت جي يادداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان کي انهن معاهدن کي قابل عمل بڻائڻو آهي. وزيراعظم ڪاروباري (بي ٽو بي) ۽ حڪومتي سطحن (جي ٽو جي) تي ان حوالي سان هر قسم جي ڪوششن جي حمايت ڪئي. هن ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري، روانگي واپار ۽ آمدني واپار تي انهن کي هر قسم جي مدد ۽ سهولت فراهم ڪئي ويندي، ماضي ۾ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي جن مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هاڻي ائين نه ٿيندو، ترڪيه جي واپارين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن فائدو کنيو، پاڪستان انهن جو ٻيو گهر آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي صدر طيب اردوان جي قيادت ۽ صلاحيتن تي فخر آهي، اسان پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي ۽ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. تقريب کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته کيس پنهنجي دوست وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي، هن تقريب سان پاڪستاني ۽ ترڪيه جي واپارين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ جو موقعو ملندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي، گذريل سال ۾ ٻنهي ملڪن ۾ واپار جي ڪاٿي ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته 5 ارب ڊالر جي واپاري ڪاٿي جي هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سمورين واپاري صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي سان ان هدف کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ان سان پائيدار واپاري توازن کي حاصل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. صدر رجب طيب اردوان چيو ته اسان کي گڏيل ريل ٽرانسپورٽيشن خاص طور تي اسلام آباد تهران استنبول فريٽ ٽرين لائين کي فعال بڻائڻ گهرجي، اها پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، ان سان ڪيترن ئي منصوبن تي عملدرآمد ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اقتصادي لنگهه منصوبو واپار جي لاءِ اهم آهي، مستقبل ۾ بهترين حڪمت عملي سان اڳتي وڌي سگهجي ٿو، پاڪستاني عوام سدائين مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪيه جو ساٿڏ نو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط دوستاڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾مختلف شعبن ۾ تعاون وڌايو ويندو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. غزه جي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ بي پناهه ظلم ڪيو آهي، ان جنگ دوران هزارين فلسطيني شهيد ٿيا، جنگبندي کانپوءِ غزه ۾ صورتحال ۾ بهتري آئي ۽ غزه جي شهرين کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي خطي ۾ امن سميت ٻين مسئلن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اسان اڄ جن معاهدن ۽ دستاويزن تي صحيحون ڪيون آهن ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ملندو. هن چيو ته قوم جي بهتر مستقبل جي لاءِ سخت محنت ڪرڻي پوندي، واپاري برادري کي بهتر موقعن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي. هن چيو ته شاندار استقبال ۽ مهمان نوازي تي پاڪستاني ڀينرن ۽ ڀائرن جا ٿورائتا آهيون.