اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان حڪومت سيڪٽر ايف – ايٽ، ايف نائين انٽرچينج کي ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي نالي سان منسوب ڪري ڇڏيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان حوالي سان ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف وزيراعظم هائوس ۾ منعقد ٿيندڙ سادي ۽ پروقار تقريب ۾ رجب طيب اردوان انٽرچينج جي تختي جي رونمائي ڪئي. ڄاڻايل انٽرچينج کي جناح ايونيو ۽ آغا شاهي ايونيو جي سنگم تي تازو ئي رڪارڊ مدي ۾ تعمير ڪيو ويو آهي.