اسلام آباد- 13 فيبروري (اي پي پي) مذھبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم جي حج درخواستگذارن کي تنبيهه ڪئي آھي ته 14 فيبروري تائين حج رهتون ادا نه ٿيڻ جي صورت ۾ حج درخواستون رد ڪيون وينديون. مذھبي معاملن واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آھي ته سرڪاري اسڪيم جي حج درخواستگذارن جي حج رهتن جي ٽين قسط جي ادائيگي ۽ پيڪيج جي تبديلي جي آخري تاريخ 14 فيبروري مقرر ڪئي وئي آھي، مقرر ڪيل تاريخ تائين رهتون ادا نه ٿيڻ جي صورت ۾ سندن حج درخواستون رد ٿي سگھي ٿيون، ان ڪري سمورن درخواستگذارن کي گھرجي ته ھو مقرر ڪيل تاريخ تائين رهتن جي ٽين قسط پنھنجي لاڳاپيل بئنڪن ۾ جمع ڪرائين ۽ جيڪڏهن ھو پيڪيج تبديل ڪرائڻ چاھين ٿا ته ان قسط سان گڏ پيڪيج جي تبديلي جي درخواست به ڏئي سگھن ٿا، 14 فيبروري آخري تاريخ آھي، ان کانپوءِ پيڪيج جي تبديلي ممڪن نه ٿيندي. ترجمان چيو آھي ته سرڪاري حج پانڌيئڙن جي ٽين قسط جمع ڪرائڻ کانپوءِ لاڳاپيل بئنڪ مان ڪمپوٽرائزڊ رسيد لازمي حاصل ڪن. ھن واضح ڪيو ته حج رھتن جي جيڪا تفصيل اڃا تائين ويب سائٽ تي موجود آھي ان کي اپ ڊيٽ 16 فيبروري کانپوءِ ڪيو ويندو.