دبئي – 13 فيبروري (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن آمريڪي صدر جي خاص صلاحڪار ايلون مسڪ جي سهڪار سان دبئي ۾ زمين هيٺ ٽرانسپورٽ منصوبي دبئي لوپ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تي خرچ جو اندازو 10 بلين ڊالر آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق دبئي لوپ جو اعلان ورلڊ گورنمينٽس سمٽ جي موقعي تي گذريل ڏينهن ڪيو ويو آهي، گڏيل عرب امارتن جي مصنوعي ذهانت واري وزير عمر العلامه چيو آهي ته منصوبو دبئي جي رش وارن علائقن تي ٻڌل هوندو ۽ ماڻهن کي هڪ شهر کان ٻين شهرن زمين هيٺ بنا رڪاوٽ اچ وڃ جي سهولت ميسر ايندي. ان موقعي تي ايلون مسڪ چيو ته اهو هڪ ورم هول وانگر هوندو جيڪو هڪ شهر کان شروع ٿيندو ۽ ٻئي شهر مان ٻاهر ايندو. جڏهن انهن سرنگين ۾ حفاظت جي حوالي سان تنقيد بابت پڇيو ويو ته مسڪ چيو ته زلزلي دوران محفوظ ترين هنڌن مان هڪ هنڌ اها سرنگ هوندي. مسڪ چيو ته سرنگ ۾ رهڻ آبدوز ۾ هجڻ برابر هوندو، ايتري حد تائين جو جيڪڏهن توهان مٿان ڪو طوفان هجي ته آبدوز جي آس پاس پاڻي پرسڪون هوندو آهي.