اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان اربع جي رات پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي نور خان ايئربيس پهتو ته سندس انتهائي شاندار استقبال ڪيو ويو. صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ اڳواڻ جي انتهائي شاندار آجيان ڪئي. ترڪ خاتون اول پڻ ترڪ صدر سان گڏ هئي. ان موقعي تي خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا، پاڪستان جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ پاڪ فضائيه جي جي ايف 17 جهازن سندس فضائي استقبال ڪيو ۽ سندس جهاز کي پنهنجي گهيري ۾ اسلام آباد آندو. معزز مهمان جي اعزاز ۾ 21 توپن جي سلامي پيش ڪئي وئي جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري سفارتي ۽ تزويراتي لاڳاپن جي علامت آهي. نور خان ايئربيس تي آجياڻي واري تقريب دوران صدر رجب طيب اردوان پنهنجي خصوصي جهاز تان لٿو ته کيس گلدستو پيش ڪيو ويو، ملٽري بينڊ جي دلڪش پرفارمنس پيش ڪئي وئي جڏهن ته پاڪستا ۽ ترڪيه جا جهنڊا لهڙائيندڙ ٻارن پاران سندس والهاڻو استقبال ڪيو ويو. ترڪ صدر جي دوري جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر جي انتهائي خوبصورتي سان سجاوٽ ڪئي وئي آهي، رستن ۽ چوراهن تي آجياڻي وارا بينرز ۽ ٻنهي ملڪن جا جهنڊا هنيا ويا. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي ترڪيه جو صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو بن ڏينهن جو دورو ڪري رهيو آهي، صدر اردوان سان گڏ اعليٰ سطح جو وفد پڻ آهي جنهن ۾ وزيرن ۽ اعليٰ عملدارن کانسواءِ ڪاروباري شخصيتون شامل آهن. دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان خميس تي پاڪ ترڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا. سيشن جي پڄاڻي تي هڪ گڏيل پڌرنامي ۽ ڪيترن ئي اهم معاهدن/ ايم او يوز تي صحيحون ڪرڻ جي توقع آهي. صدر اردوان، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ هو پاڪستان ترڪ بزنس اينڊ انويسٽمينٽ فورم کي خطاب ڪندو جنهن ۾ ٻنهي طرفن جا اهم سيڙپڪار، ڪمپنيون ۽ ڪاروباري ماڻهو شريڪ هوندا.