اسلام آباد – 13 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان ۽ خاتون اول ايمن ايردوان جي پنهنجي ۽ پوري پاڪستاني قوم پاران پاڪستان ۾ شاندار آجيان ڪندي چيو آهي ته صدر اردوان جي بصيرت انگيز ۽ متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. ترڪ صدر جي وفاقي گادي واري شهر اچڻ جي موقعي تي سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي ترڪ زبان ۾ پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان ۽ منهنجي قابل احترام ڀيڻ خاتون اول ايمن اردوان، آئون ۽ پوري پاڪستاني قوم پاڪستان ۾ توهان جي شاندار آجيان ڪري ٿي. هن چيو ته منهنجو ڀاءُ، صدر اردوان بصيرت رکندڙ سياستدان آهي جنهن ترڪيه کي بدلائي ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته رجب طيب اردوان جي متحرڪ قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تاريخي، گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا مضبوط کان مضبوط تر ٿيندا پيا وڃن. صدر اردوان جي تاريخي دوري جي موقعي تي اسان انهن مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ بلندين تائين پهچائڻ جا خواهشمند آهيون.