اسلام آباد – 12 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وزيراعظم پاران جوڙيل حڪومتي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ بابت ڪميٽي جي پهرين اجلاس جي صدارت ڪئي. نائب وزيراعظم جي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي تفصيلي غور فڪر کانپوءِ ڊيجيٽائيزيشن، عالمي بهترين طريقن، ڪارڪردگي، انعامن ۽ ايم آءِ ايس تي ذيلي گروپس قائم ڪيا آهن. نائب وزيراعظم ذيلي گروپن کي هدايت ڪئي ته اهي سمورين ڌرين سان گڏجي تيزي سان اڳتي وڌن ۽ حڪومت کي پاڪستان جي عوام جي لاءِ افاديت، موثر ۽ نتيجن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عملي قدمن جي سفارش ڪن.