راولپنڊي-12 فيبروري (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل سيد عاصم منير نوجوانن جي توانائي، تخليقي صلاحيتن ۽ جدت پسندي کي ساراهيندي کين پاڪستان جو مستقبل قرار ڏنو آهي. آءِ ايس پي آر مطابق اهڙو اظهار هن سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جي شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن پاڪستان تي پرڏيهي ماحول خاص طور تي سرحد پار دهشتگرديءَ جي خطرن جي اثرن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي. آرمي چيف سيد عاصم منير پاڪستان جي خودمختياري ۽ جاگرافيائي سلامتي جي تحفظ ۾ پاڪ فوج جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. هن دهشتگرديءَ خلاف قومي جدوجهد ۾ عوام جي قربانين کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ هٿياربند فوج جي ڀرپور حمايت تي قوم جو شڪريو ادا ڪيو. پاڪستانيت جي تصور تي زور ڀريندي هن نوجوانن جي فڪري واڌ ويجهه ۾ ملڪي تاريخ، ثقافت ۽ قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.