اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ، نجڪاري ۽ مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان چيمبر آف ڪامرس انتهائي اهميت رکن ٿا، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي اقتصادي ڀائيواريءَ کي هٿي ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ آذربائيجان ۽ پاڪستان چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي قيام ۽ ان حوالي سان رٿيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته چيمبر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت مون لاءِ اعزاز آهي. هن چيو ته اڄ جو ڏينهن ٻنهي ملڪن ۽ ڪاروباري برادريءَ سان انتهائي اهم آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آذربائيجان جو تعلق ٻنهي ملڪن جي عوام سان ڳنڍيل آهي، هن آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف ۽ سندس ٽيم کي ان اهم ڪاميابيءَ تي مبارڪ ڏني ۽ چيو ته پائيدار ترقي جو انحصار اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۽ سهڪار تي آهي. هن چيو ته آزمائش جي هر گهڙيءَ ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪستان آذربائيجان چيمبر آف ڪامرس جي قيام تي صدر ايف پي سي سي آءِ، چيئرمين آذربائيجان، پاڪستان چيمبر آف ڪامرس سميت ٻين ڪاروباري شخصيتن خوشيءَ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪاروباري برادريءَ کي پڻ آذربائيجان سان ڪاروباري رابطن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان مدد ملندي. تقريب کي خطاب ڪندي آذربائيجان جي سفير چيو ته وفاقي وزير عبدالعليم خان آذربائيجان لاءِ ڀائپي وارا جذبا رکي ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن.