اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين سان سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير ۽ اڳوڻي چيئرمين وچ ۾ بلوچستان ۾ زرعي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وفاقي وزير چيو ته چاغي جي 40 هزار چورس ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ زرعي شعبي جي ترقي جا امڪان غور هيٺ آهن. وزارت جي ٽيم چاغيءَ ۾ زيتون جي پوکيءَ لاءِ علائقو تجزيو ڪري رهي آهي. ان موقعي تي پاڪستان زرعي تحقيقاتي ڪائونسل جو تحقيقي مرڪز قائم ڪرڻ تي ڳالهيون ٿيون. اڳوڻي چيئرمين زرعي شعبي ۾ رانا تنوير حسين جي ڪوششن کي ساراهيو.