اسلام آباد- 12فيبروري (اي پي پي)واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 42 هزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 11 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ به 11 هزار 600 ڪيوسڪ آھي، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 17 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 17 هزار ڪيوسڪ جڏهن ته جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 4 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 30 هزار ڪيوسڪ آھي.هوڏانهن چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ٻڙي رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1450.61 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.090 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1127.90 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.950 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، بئراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 640.30 فوٽ بئراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.031 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.