اسلام آباد – 11 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته ليبيا جي سمنڊ ڪناري ٻيڙيءَ اونڌي ٿيڻ جي خبر کانپوءِ طرابلس ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هڪ ٽيم زاويه شهر ۾ اسپتال جو دورو ڪيو، مقامي عملدارن سان ملاقات کانپوءِ معلومات گڏ ڪئي وئي، غيرتصديق ٿيل اطلاعن موجب ٻيڙيءَ ۾ 63 پاڪستاني سوار هئا، هيستائين 16 لاش ڪڍيا ويا آهن ۽ انهن جي پاڪستاني شهريت جي انهن جي پاسپورٽس جي بنياد تي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب 37 ماڻهو زندهه بچي ويا آهن جن مان هڪ اسپتال جڏهن ته 33 پوليس جي تحويل ۾ آهن. اطلاعن موجب ان حادثي ۾ 10 جي لڳ ڀڳ پاڪستاني گم آهن، زندهه بچي ويندڙن مان ٽي طرابلس ۾ آهن ۽ سفارتخانو انهن جي سارسنڀال ڪري رهيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته طرابلس ۾ سفارتخانو وڌيڪ معلومات گڏ ڪرڻ ۽ مقامي عملدارن سان رابطو برقرار رکڻ جي عمل ۾ آهي. جن فوت ٿي ويلن جي هيستائين پاڪستاني شهرين جي طور تي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، انهن ۾ ثقلين حيدر ولد عمران علي، سراج الدين ولد اقبال محمد، شعيب حسين ولد نور علي، نصرت حسين ولد مير افضل، شعيب علي ولد محمد علي، سيد شهزاد حسين ولد سيد واجد علي شاهه، عابد حسين ولد عمران علي، آصف علي ولد اسرار حسين، محمد علي شاهه ولد عبدالله شاهه، مصور حسين ولد شير مهدي، اسوار حسين ولد مندار علي، عابد حسين ولد محمد حسن، مصيب حسين ولد جميل حسين، انيس خان ولد مشرف خان، اشفاق حسين ولد حسين افضل ۽ شاهد حسين ولد ڪفايت حسين شامل آهن. فوت ٿيندڙن جو تعلق خيبرپختونخواهه جي ضلعن ڪرم، باجوڙ، اورڪزئي ۽ پشاور سان آهي.