اسلام آباد – 11 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان دهشتگردي ۽ غيرملڪي قبضي بابت پاڪستان جي موقف جي حوالي سان ميڊيا جي سوالن جي ردعمل ۾ چيو آهي ته دهشتگردي ۽ غيرملڪي قبضي بابت پاڪستان جي پاليسي بدستور برقرار آهي، اسان کي افسوس آهي ته ميڊيا جي ڪجهه ڌرين ان موضوع تي پاڪستان جي موقف کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان سان دهشتگردي جي خاتمي ۽ غيرملڪي قبضي تي او آءِ سي ۽ عالمي اتفاق راءِ جي پڻ غلط تشريح ٿئي ٿي. ترجمان هڪ بيان ۾ چيو ته 10 فيبروري تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ دهشتگرد ڪاررواين سان پيدا ٿيندڙ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرن تي بريفنگ دوران پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته اسان کي دهشتگردي جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جن ۾ غربت، ناانصافي ۽ ڊگهي حل طلب تڪرارن، غيرملڪي قبضي، نئين آبادياتي ۽ اجنبي حڪمراني تحت ماڻهن جي خودمختياري جي حق کان انڪار جهڙوڪ فلسطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي والاريل علائقن ۾ شامل آهن. بيان موجب هن چيو ته بنيادي سببن کي حل ڪرڻ کانسواءِ جيڪڏهن اسان جو ڌيان اهڙين پاليسين جي نتيجن تائين محدود رهيو ته اسان تمام گهٽ ڪاميابي جي اميد ڪري سگهون ٿا. ترجمان چيو ته پاڪستان ۽ او آءِ سي ڊگهي عرصي کان دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ هڪ جامع موقف جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جيڪو دهشتگردي جي بنيادي سببن کي حل ڪري، جنهن ۾ تڪرارن جو حل، غيرملڪي قبضي جو خاتمو، ڏاڍ جي مخالفت ۽ پائيدار اقتصادي ترقي سميت ترقي کي فروغ ڏيندي غربت جي خاتمي جون ڪوششون شامل آهن. ترجمان چيو ته اهو موقف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي قرارداد 60/288 سان پڻ هڪ جهڙائي رکي ٿو جيڪو ”عالمي دهشتگردي جي خاتمي جي حڪمت عملي“ تي آهي. وڌيڪ اهو ته او آءِ سي سان گڏوگڏ پاڪستان مسلسل ان ڳالهه کي برقرار رکيو آهي ته دهشتگردي جي ڪنهن به تعريف کي دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ خودمختياري ۽ قومي آزادي جي لاءِ غيرملڪي يا استعماري قبضي تحت ماڻهن جي جائز جدوجهد جي وچ ۾ واضح طور تي فرق ڪرڻ گهرجي.