دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري دبئي کان وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب گڏيل عرب امارات جي انصاف واري وزير عبدالله بن سلطان بن عود آلنعيمي وزيراعظم کي دبئي ايئرپورٽ تي الوداع ڪيو.