دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڱاري ڏينهن گڏيل عرب امارات ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وزيراعطم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم دبئي ۾ منعقد ورلڊ گورنمنٽس سمٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ۽ خطاب ڪيو. وزيراعظم ان موقعي تي گڏيل عرب امارات جي نائب صدر، وزيراعظم ۽ دبئي جي فرمانروا، سريلنڪا جي صدر، بوسنيا جي صدارت جي چيئر وومين ۽ يو اي اي ۾ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪيُون.