اسلام آباد-11 فيبروري (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته پاڪستان ۾ عدليه آزاد آهي ۽ اداري جو سربراهه هجڻ جي ناطي عدليه جي آزاديءَ جو تحفظ سندس ذميواري آهي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي عام ڄاڻ واري شعبي جي جاري ڪيل پڌرائيءَ مطابق اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي مالياتي فنڊ جي هڪ وفد سان ملاقات ۾ ڪيو، جنهن جوئل ٽرڪيوٽز جي قيادت ۾ سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ۽ جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين جسٽس يحيٰ آفريديءَ سان ملاقات ڪئي. چيف جسٽس وفد جي آجيان ڪئي ۽ عدالتي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن جو جائزو پيش ڪيو. چيف جسٽس چيو ته عدليه اهڙن مشنز سان سڌيءَ ريت ڳالهيون ڪرڻ جي عادي ناهي پر جڏهن کان فنانس ڊويزن درخواست ڪئي آهي، اهي ڳالهيون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته هو پنهنجي تبصرن ۽ خيالن تي پوريءَ طرح محتاط رهندو. هن جوڊيشل ڪميشن آف پاڪستان جي حوالي سان اهم آئيني اڳڀرائي ۽ سڌارن تي روشني وڌي جن ۾ سينيئر سطح جي عدالتي مقرري، عدالتي احتساب ۽ جوڊيشل ڪميشن جي نئين سر تنظيم شامل آهي. هن وڌيڪ شفاف ۽ اثرائتي عدالتي چونڊ جي عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ عدليه ۽ پارلياماني ڪميٽيءَ جي ضم ٿيڻ جي خوبين تي روشني وڌي. هن اهو به ٻُڌايو ته سپريم ڪورٽ فيبروريءَ جي آخري هفتي ۾ رٿيل ايندڙ اين جي پي ايم سي اجلاس لاءِ هڪ اهم ايجنڊا کي حتمي شڪل ڏيڻ جي عمل ۾ آهي، اها ايجنڊا مختلف اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مشوري سان تيار ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هو ڄاڻايل ايجنڊا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به تجويز لاءِ بلڪل تيار آهي. هن مشن کي ڪنهن به اهم تجويز کي شيئر ڪرڻ جي دعوت ڏني. ملاقات دوران عدالتي احتساب ۽ ججن خلاف شڪايتن جي ازالي جي طريقيڪار تي به ڳالهه ٻولهه ٿي. چيف جسٽس عدليه جي سلامتي ۽ آزاديءَ کي برقرار رکڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ منصفاڻي احتسابي عمل جي اهميت تي زور ڀريو. آءِ ايم ايف جي وفد قانوني ۽ اداره جاتي استحڪام کي برقرار رکڻ ۾ عدليه جي ڪردار کي تسليم ڪيو ۽ گورننس ۽ احتساب کي مضبوط بنائڻ لاءِ جاري سڌارن کي ساراهيو ۽ عدالتي ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي اقتصادي ۽ سماجي ترقيءَ جي اهم جُز طور تي برقرار رکڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار، سپريم جوڊيشل ڪميشن جو سيڪريٽري، لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان جو سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي شرڪت ڪئي. ملاقات جي پڄاڻيءَ تي چيف جسٽس خيرسگالي جي جذبي طور وفد کي سووينيئر پيش ڪيو، جنهن تي وفد چيف جسٽس جو ٿورو مڃيو.