ڪراچي-11 فيبروري (اي پي پي) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ شاهد يونيورسٽي، تهران، ايران شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا پروگرام ۽ تحقيق جي شعبي ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، مفاهمتي يادداشت تحت ٻئي يونيورسٽيُون تعليم جي بهتريءَ لاءِ گڏيل پروگرام شروع ڪنديون. مفاهمت جي يادداشت تي يونيورسٽي جي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ۽ شاهد يونيورسٽي تهران جي انٽرنيشنل افيئرز جي ڊائريڪٽر ايمان زماني صحيحون ڪيون، ايم او يو تحت ٻئي يونيورسٽيون ٻنهي ادارن جي علمي برادرين جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط ڪنديون.
سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ شاهد يونيورسٽي تعليم جي بهتريءَ لاءِ گڏيل پروگرام شروع ڪنديون. تحقيقي ليبارٽريز ۽ ٻين ضروري سهولتن جي فراهمي پڻ معاهدي جو حصو هوندي. ٺاهه ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تحقيقي منصوبن، گڏيل ڪانفرنسن، سيمينارن، ورڪشاپس ۽ ٻين اهڙين سرگرمين ۾ سهڪار وڌايو ويندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر مجيب صحرائي ايران جي شاهد يونيورسٽي جي نمائندن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان جي ٻين يونيورسٽين کانپوءِ شاهد يونيورسٽي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي سان به مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جنهن سان ٻنهي يونيورسٽين جي شاگردن ۽ استادن کي فائدو ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته اها سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي ۽ شاهد يونيورسٽي خاص طور تي آرٽيفيشل انٽيليجنس، تعليم، انگريزي ٻولي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. تهران جي شاهد يونيورسٽيءَ جي صدر جي سينيئر صلاحڪار ڊاڪٽر محمد حسين نوحخان چيو ته اسان ان تاريخي اداري سان سهڪار وڌائڻ بابت ٺاهه ڪيو آهي، جيڪو پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي مادرِ علمي آهي، ان ڪري بيحد خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي پاڪستان جي هن تاريخي ۽ قديم ترين اداري جو دورو ڪرڻ تي فخر آهي، شاهد يونيورسٽي تهران جي نمائندن سان رابطي لاءِ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي وائس چانسلر طرفان ڊائريڪٽر اورڪ ڊاڪٽر منصور احمد کهڙي کي ڪوآرڊينيٽر مقرر ڪيو ويو. تقريب ۾ شاهد يونيورسٽي تهران جي پريزيڊنٽ جي سينيئر صلاحڪار ڊاڪٽر محمد حسين نوحخان، پاڪستان ۾ شاهد يونيورسٽي جي ملڪي نمائندي پروفيسر ڊاڪٽر فرمان علي شاهه ۽ سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي مان اورڪ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر منصور احمد کهڙي، فيڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي، وائس چانسلر جي صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان ۽ رجسٽرار غلام مصطفيٰ شيخ شرڪت ڪئي.