ابوظهبي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زيد النهيان معيشت، واپار سميت مختلف شعبن ۾ حصيداري ۽ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ابوظهبي ۾ يو اي اي جي صدر محمد بن زيد النهيان سان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات جي لاءِ قصرالشاطي پهچڻ سندس استقبال گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان ڪيو، ملاقات ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير پڻ شريڪ هو. ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر پاڪ امارات گڏيل لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل مفادن جي تڪميل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپن جي مضبوطي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ترقي ۽ ٻين شعبن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ م موجود حصيداري ۽ تعاون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪا پائيدار اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي ويزن سان هم آهنگ آهي. ملاقات ۾ گورننس ۾ عالمي رجحانن جي نشاندهي ۽ عالمي تبديلين جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي تيارين جي قابل عمل حڪمت عملي تي ورلڊ گورنمنٽس سمٽ جي اهميت تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملڪي ترقي جي رفتار ۾ اضافي ۽ سڀني جي لاءِ هڪ بهتر مستقبل جي تعمير جي لاءِ انهن تبديلين مان فائدو کڻڻ جي اهميت تي زور ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي ڌيان ڏيندي گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن علائقائي سلامتي، استحڪام ۽ امن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ٻه رياستي حل تي ٻڌل جامع ۽ پائيدار امن جي لاءِ عالمي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.