واشنگٽن-11 فيبروري (اي پي پي) آمريڪا چيو آهي، ته يوڪرين هڪ ڏينهن روس جو حصو بڻجي ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي، ته يوڪرين ڪنهن به وقت روس جو حصو بڻجي سگهي ٿو. آمريڪي صدر ان امڪان کي به رد ناهي ڪيو ته هو آمريڪي حڪومت طرفان يوڪرين ۾ لڳايل رقم واپس وٺڻ چاهي ٿو. هن چيو ته هو يوڪرين تي لڳايل پئسو ان لاءِ واپس وٺڻ چاهي ٿو، ته اسان جو پئسو محفوظ ٿي سگهي. اسان يوڪرين تي ڪيترائي بلين ڊالر خرچ ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته هو ان حوالي سان يوڪرين کي خبردار ڪري چڪو آهي ته آمريڪا ان کي وڌيڪ رقم نه ڏيندو.