اوٽاوا-11 فيبروري (اي پي پي ) ڪينيڊا چيو آهي ته اسٽيل ۽ ايلومينيم تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي 25 سيڪڙو ٽيڪس جو جواب ڏينداسين. اها ڳالهه ڪينيڊا جي سائنس ۽ صنعت واري وزير فرانڪوئس فلپ شيمپن پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي چئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن چيو ته ڪينيڊا عالمي شراڪتدارن سان مشورو ڪري رهيو آهي ۽ ٽرمپ جي ٽيرف آرڊرز جي تفصيل جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن چيو ته اسان جو جواب واضع ۽ پرعزم هوندو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ گذريل ڏينهن ايلومينيم تي ٽيرف 10 سيڪڙو وڌائي 25 سيڪڙو ڪرڻ واري اعلان تي صحيحيون ڪيون آهن ۽ اسٽيل ۽ ايلومينيم ٽيرف لاءِ ڊيوٽي فري ڪوٽا، رعايت ۽ استثنى ختم ڪري ڇڏي آهي.