دبئي – 11 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت غيرملڪي سيڙپڪارن کي سهولت ۽ ڪاروبار ۾ آساني فراهم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار ناليواري آمريڪي ڪاروباري شخصيت ۽ سيڙپڪار جينٽري بيچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ٻاهرئين سيڙپڪارن کي سهولت ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. غيرملڪي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ هي موزون ترين وقت آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي پاليسين جي ڪري وياج جي شرح گهٽ ٿيڻ سان ڪاروبار ۾ سهولت ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيا آهن. آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ پرعزم آهيون. جينٽري بيچ وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي استحڪام کي ساراهيو. جينٽري بيچ پنهنجي تازي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي حڪومت جي پاليسين کي ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موزون قرار ڏنو ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. جينٽري بيچ چيو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري جي منصوبن تي جلد عملدرآمد جا خواهشمند آهن.