دبئي / اسلام آباد – 11 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار دبئي ۾ اي اينڊ لائيف ۽ اي اينڊ انٽرنيشنل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خليفه الشمسي سان ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران چيف آپريشنز آفيسر اي اينڊ انٽرنيشنل خالد هيگزي ۽ پاڪستان پاران پڻ ٻيا عملدار موجود هئا. نائب وزيراعظم پاڪستان جي سازگار سيڙپڪاري جي پاليسين کي اجاگر ڪندي اي اينڊ کي ملڪ جي ٽيلي ڪام سيڪٽر ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. خليفه الشمسي ڪاروبار دوست ماحول کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ خطي ۾ هڪ وڌندڙ مارڪيٽ جي طور تي پاڪستان جي اهميت کي تسليم ڪيو.