اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ڳالهه ٻولهه ڪندي اسرائيلي وزيراعظم جي غيرذميواراڻي ۽ اشتعال انگيز ريمارڪس جي شديد مذمت ڪئي ۽ سعودي عرب جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت سان گڏوگڏ فلسطيني ڪاز جي اڻٿڪ حمايت جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب سعودي پرڏيهي وزير سعودي عرب جي تقدس ۽ لازميت جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن غزه بابت اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غيرمعمولي اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو.