اسلام آباد – 10 – فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قونصلر ۽ قانوني معاملن بابت اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ گهرو ۽ قانون ۽ انصاف وارن وفاقي سيڪريٽريز، ايڊيشنل اٽارني جنرل، پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي عملدارن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم ان موقعي تي قونصلر معاملن جي جلد حل جي لاءِ موثر بين الوزارتي رابطن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.