بيجنگ- 10 فيبروري (اي پي پي) چين جي صدر شي جن پنگ 9 مئي تي روس ۾ گريٽ پيٽرياٽڪ وار ۾ فتح جي 80هين سالگره جي موقعي تي ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. اها ڳالهه چين ۾ روس جي سفير ايگورمورگلوف پرڏيهي خابرو اداري کي ٻڌائي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق روس جي سفير انڪشاف ڪيو ته چين جو صدر 9 مئي تي گريٽ پيٽرياٽڪ وار ۾ فتح جي 80هين سالگره جي موقعي تي ماسڪو ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن ۾ شرڪت جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي. هن چيو ته ان جي بدلي ۾ چيني صدر روسي صدر ولاديمير پيوٽن کي چين ۾ سيپٽمبر جي شروع ۾ طئي ٿيل تهوارن ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.